سوامي گنگارام

سوامي گنگارام: سوامي گنگارام ولد ڀاونداس 1865ع ڌاري چڪ، تعلقي سکر ۾ جنم ورتو. سندس ماءُ جو نالو اڱڻ ٻائي هو. ننڍپڻ ۾ گنگارام کي دڪان تي ويهاريو ويو، پر ڌنڌي سان سندس دل ڪا نه لڳي. هميشه پيو سريلي آواز ۾ ڀڄن ڳائيندو هو. روحاني رمز ڏسي سنتن کيس پنهنجي سنگ ۾ کنيو. زيارتون ڪندا، بهاولپور پهتا، جتي هڪ سنت چانڊورام کين گڏيو. چانڊورام ۾ وڏي مڻيا هئي، جنهنڪري گنگارام کيس پنهنجو مرشد مڃيو، جنهن کانپوءِ سوامي جدا جدا هنڌ گهمندو ۽ ڳوٺ ڳوٺ وڃي پرينءَ جي پچار ڪئي ۽ ڏکويل دلين کي آنند ڏنو. 1950ع ۾ هڪ ڏينهن اوچتو پنهنجي هڪ معتقد کي گهرائي چيائين ته اڄ پاڻ هلون ٿا. ان ڳالهه جو ڪنهن سان ذڪر نه ڪجو ۽ لڙڪ نه هارجو. ائين چئي سوامي گنگارام گهوڙي گاڏيءَ تي چڙهي سکر طرف روانو ٿيو ۽ واٽ تي ئي غائب ٿي ويو، ڪا خبر نه پئي ته هي ڪيڏانهن ويو.


لفظ سوامي گنگارامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو